خطي ۾ رڳو آمريڪي فوجي هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون: ايران

تهران-05 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان خطي ۾ رڳو آمريڪي فوجي هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته اسان رڳو پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ پاڙيسري ملڪن خلاف جارحيت ناهيون ڪري رهيا. هن چيو ته ايران انهن هنڌن کي نشانو …

تهران-05 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان خطي ۾ رڳو آمريڪي فوجي هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته اسان رڳو پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ پاڙيسري ملڪن خلاف جارحيت ناهيون ڪري رهيا. هن چيو ته ايران انهن هنڌن کي نشانو بڻائي ٿو جتان ايران تي حملا ڪيا وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان خطي جي سمورن ملڪن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايون ٿا. هن چيو ته ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران غير قانوني حملن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اها جنگ اسان تي مڙهي وئي آهي، اسان ان جي شروعات ناهي ڪئي. هن چيو ته اسان خطي ۾ اجتماعي سلامتي جا خواهشمند آهيون. هن واضح ڪيو ته ايران جا سمورا ادارا قانون مطابق ڪم ڪري رهيا آهن. اندروني معاملا بهتر طريقي سان هلي رهيا آهن. هن چيو ته عارضي قيادت ڪائونسل هن وقت ملڪ جا معاملا هلائي رهي آهي. آمريڪا سان ڳالهين جي حوالي سان ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته جنگ کان اڳ ڳالهيون سٺي انداز ۾ هلي رهيون هيون پر آمريڪا ئي انهن کي ناڪام بڻايو. آمريڪا سان موجوده ڳالهين جي موجودگي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ايراني ترجمان چيو ته اسان هاڻي دفاع تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.