روس پاران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ

ماسڪو-05 مارچ (اي پي پي) روس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويانا ۾ عالمي ادارن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اليانوف مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته روس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. روس جي سفارتڪار چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته روس يقيني طور ٽياڪڙي جون …

ماسڪو-05 مارچ (اي پي پي) روس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويانا ۾ عالمي ادارن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اليانوف مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته روس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. روس جي سفارتڪار چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته روس يقيني طور ٽياڪڙي جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا ايران ڳالهين جي تجديد في الحال ناممڪن نظر پئي اچي، پر ٻنهي جا بنيادي مقصد يعني آمريڪا پاران ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ايران پاران پابندين ۾ نرمي جو مطالبو، فوجي طاقت ذريعي حاصل نٿا ڪري سگهجن. روس جي سفير چيو ته ايران روس جي ٽياڪڙي جي آجيان ڪندو پر آمريڪا چيو آهي ته ان کي ٽياڪڙن جي ضرورت ناهي، ان تي روس کي يقين آهي ته هو پاڻ ان جو انتظام ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران سان موجوده صورتحال ۾ تمام خراب انداز اختيار ڪيو آهي.