ايران جا اسرائيل تي ميزائل حملا

تل ابيب-05 مارچ (اي پي پي) ايران خميس تي صبح جو اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا آهن جنهن سبب لکين اسرائيلي شهرين کي پناهگاهن ڏانهن موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق انهن ميزائل حملن سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. والاريل بيت المقدس ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ان کان اڳ اسرائيل جي هٿياربند فوج پاران جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته اسان سڄي …

تل ابيب-05 مارچ (اي پي پي) ايران خميس تي صبح جو اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا آهن جنهن سبب لکين اسرائيلي شهرين کي پناهگاهن ڏانهن موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق انهن ميزائل حملن سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. والاريل بيت المقدس ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ان کان اڳ اسرائيل جي هٿياربند فوج پاران جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته اسان سڄي تهران ۾ فوجي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائينداسين ۽ حملن جي هڪ نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي پر حملن جي هدفن بابت ڪي تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا.