فضائي حدن جي بندش سبب گڏيل عرب امارات پاران  ملڪ ۾ اووراسٽي ڏنڊ معاف ڪرڻ جو اعلان

دبئي-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي سڃاڻپ ، شهريت ، ڪسٽمز ۽ پورٽس سيڪيورٽي بابت وفاقي اٿارٽي فضائي حدن جي بندش سبب متاثر ٿيندڙن لاءِ اووراسٽي ڏنڊ معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڄاڻايل اٿارٽي چيو آهي ته موجوده علائقائي صورتحال سبب روانگي ۾ دير تي لاڳو ڪيل ڏنڊکان  ڇوٽ ڏني پئي وڃي. فضائي حدن جي بندش ۽ ڪيترين ئي اڏامن جي عارضي معطلي …

دبئي-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي سڃاڻپ ، شهريت ، ڪسٽمز ۽ پورٽس سيڪيورٽي بابت وفاقي اٿارٽي فضائي حدن جي بندش سبب متاثر ٿيندڙن لاءِ اووراسٽي ڏنڊ معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڄاڻايل اٿارٽي چيو آهي ته موجوده علائقائي صورتحال سبب روانگي ۾ دير تي لاڳو ڪيل ڏنڊکان  ڇوٽ ڏني پئي وڃي. فضائي حدن جي بندش ۽ ڪيترين ئي اڏامن جي عارضي معطلي سبب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو انهن سمورن ماڻهن تي لاڳو هوندو جيڪي مقرر وقت تي ملڪ کان روانو نٿا ٿي سگهن. جن ۾ وزٽ ويزا، سياحتي ويزا يا ايگزٽ پرمٽ رکندڙ ماڻهو شامل آهن. جڏهن ته اهي رهائشي به ان ڇوٽ مان فائدو کڻي سگهندا جن روانگي جي تياري لاءِ ريزيڊنسي پرمٽ ملتوي ڪرائي ڇڏيو هو. اٿارٽي ٻڌايو ته اها ڇوٽ 28 فيبروري 2026 ع يا ان بعد لاڳو ڏنڊ تي هوندي.