سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان چين، ڀارت ۽ ٻين پرڏيهي وزيرن جي علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-05 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان انڊونيشيا، ڀارت ، چين ۽ رومانيه جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا ، ڀارت ، چين ۽ رومانيه جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رابطي ۾ خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. …

رياض-05 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان انڊونيشيا، ڀارت ، چين ۽ رومانيه جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا ، ڀارت ، چين ۽ رومانيه جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رابطي ۾ خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شهزاده فيصل بن فرحان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير به خطي جي تازي صورتحال ، علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام تي پوندڙ انهن جي اثرن، ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. چين جي پرڏيهي وزير ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر وانگ زي به خطي جي صورتحال، علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام تي جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. رومانيه جي پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.