سعودي آرامڪو پاران تيل جي سپلاءِ لاءِ عارضي طور تي ينبع بندرگاهه استعمال ڪرڻ جو اعلان

رياض-05 مارچ (اي پي پي) سعودي آرامڪو ڪچي تيل جي محفوظ فراهمي لاءِ عارضي طورتي ينبع بندرگاهه استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آرامڪو جو چوڻ آهي ته تيل جي فراهمي لاءِ عارضي تبديلي جو مقصد صارفين کي تيل جي محفوظ ۽ مسلسل فراهمي جي عمل کي يقيني بڻائڻ آهي . آرامڪو واضع ڪيو ته بدلجندڙ آپريشنل حالتن ۾ پنهنجون سرگرميون موثر انداز ۾ جاري رکڻ …

رياض-05 مارچ (اي پي پي) سعودي آرامڪو ڪچي تيل جي محفوظ فراهمي لاءِ عارضي طورتي ينبع بندرگاهه استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آرامڪو جو چوڻ آهي ته تيل جي فراهمي لاءِ عارضي تبديلي جو مقصد صارفين کي تيل جي محفوظ ۽ مسلسل فراهمي جي عمل کي يقيني بڻائڻ آهي . آرامڪو واضع ڪيو ته بدلجندڙ آپريشنل حالتن ۾ پنهنجون سرگرميون موثر انداز ۾ جاري رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن . اهي قدم ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته سعودي عرب وٽ نار عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ٻنهي طرفان اسٽريٽجڪ روانگي واپار جا بندرگاهه موجود آهن. حالتن مطابق تيل جي فراهمي جو روٽ به تبديل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن روانگي واپار ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. ياد رهي ته سعودي عرب فيبروري ۾ روزانو جي بنياد تي 7.2 ملين بيرل تيل جو روانگي واپار ڪيو . جنهن مان 6.38 ملين بيرل تيل آبنائي هرمز مان گذاريو.