حيدرآباد-04 مارچ (اي پي پي) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اربع ڏينهن ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول يونيورسٽي آف سنڌ جودورو ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جي پرنسپال پاران صوبائي وزير تعليم جي آجيان ڪئي وئي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه استادن سان ملاقات ڪئي ۽ اسڪول جي مختلف شعبن جو …
صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جو ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول يونيورسٽي آف سنڌ حيدرآباد جودورو

مزید خبریں
حيدرآباد-04 مارچ (اي پي پي) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اربع ڏينهن ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول يونيورسٽي آف سنڌ جودورو ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جي پرنسپال پاران صوبائي وزير تعليم جي آجيان ڪئي وئي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه استادن سان ملاقات ڪئي ۽ اسڪول جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. هن چيو ته اسڪول سان ماضي جون حسين يادون لاڳاپيل آهن. هن ڪلاس روم ۾ موجود بينچ تي ويهي ماضي جي ڏينهن کي ياد ڪيو. هن چيو ته افسوس آهي جو اسڪول کي 30 سال بعد ڏسي رهيو آهيان، هن اسڪول مان مون سميت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو تعليم حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو ماڊل اسڪول جي المنائي ۾ پڻ شامل رهيا آهن ۽ چيو ته اسڪول مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي جڏهن ته علامه آءِ آءِ قاضي جي آخري آرامگاهه پڻ هتي واقع آهي. صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته ماڊل اسڪول جي تاريخي حيثيت کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته عمارت جي مڪمل ڪنزرويشن لاءِ سنڌ حڪومت جو ڀرپور سهڪار رهندو.











