لاڙڪاڻو/ڪنڌڪوٽ-04 مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ يومِ علي عليه السلام جي سلسلي ۾ امن امان، جلوسن جي روٽن، سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن جي جائزي لاءِ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ونگ ڪمانڊر ڪرنل طلال احمد اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر، صحت کاتي، ميونسپل ڪميٽي، سيپڪو، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن …
ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي صدارت ۾ يومِ علي عليه السلام جي موقعي تي امن امان بابت اڳواٽ تياري جي حوالي سان اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/ڪنڌڪوٽ-04 مارچ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ يومِ علي عليه السلام جي سلسلي ۾ امن امان، جلوسن جي روٽن، سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن جي جائزي لاءِ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ونگ ڪمانڊر ڪرنل طلال احمد اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر، صحت کاتي، ميونسپل ڪميٽي، سيپڪو، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عالم سڳورن ۽ جلوسن جا منتظمين پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان هدايت ڪئي ته يومِ علي عليه السلام جي موقعي تي سمورن جلوسن ۽ مجلسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. جلوسن جي روٽن جي ڪليئرنس، اسٽريٽ لائيٽن جي درستگي، صفائي سٿرائي ۽ هنگامي طبي سهولتن جي دستيابي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.
هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حڪمتِ عملي تيار رکي وڃي. پوليس عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جا مؤثر انتظام ڪيا وڃن. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس گڏيل طور جلوسن جي روٽن جو دورو ڪري انتظامن جو پاڻ جائزو وٺندا ته جيئن يومِ علي عليه السلام جي موقعي تي پرامن ۽ منظم ماحول برقرار رکي سگهجي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته يومِ علي عليه السلام جي موقعي تي مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مڪتبِ فڪر جا عالم ۽ منتظمين ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن.











