ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي)راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت 19هين سنڌ گيمز 16 کان 19 اپريل تائين سکر ۾ منعقد ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. اھڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته عيد کان فوراً پوءِ ڊويزنل سطح تي سنڌ گيمز جا ٽرائلز …
سنڌ حڪومت 19هين سنڌ گيمز 16 کان 19 اپريل تائين سکر ۾ منعقد ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي: صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر

مزید خبریں
ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي)راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت 19هين سنڌ گيمز 16 کان 19 اپريل تائين سکر ۾ منعقد ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. اھڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته عيد کان فوراً پوءِ ڊويزنل سطح تي سنڌ گيمز جا ٽرائلز 24 کان 29 مارچ تائين منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽرائلز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چونڊيل رانديگرن لاءِ 11 کان 15 اپريل تائين تربيتِي ڪيمپ لڳائي ويندي. هن ٻڌايو ته سنڌ گيمز جي افتتاحي تقريب 16 اپريل ۽ پڄاڻي تقريب 19 اپريل تي ٿيندي. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته سڀئي مقابلا شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪرايا وڃن ته جيئن صوبي جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ملي سگهن. هن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت نيشنل گيمز جيان 19هين سنڌ گيمز کي به ڪامياب بڻائيندي. اجلاس دوران سکر ۾ سنڌ گيمز منعقد ڪرڻ ۽ ٿر جيپ ريلي جي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ٻڌايو ته 19هين سنڌ گيمز ۾ 40 کان وڌيڪ رانديون شامل هونديون، جن ۾ سڄي صوبي مان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا رانديگر حصو وٺندا. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر اسلم مهر، سيڪشن آفيسر علي ڏنو گوپانگ ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي عهديدار احمد علي راجپوت ۽ اصغر بلوچ شرڪت ڪئي.











