اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻين جي حفاظت عالمي برادري جي گڏيل مفادن ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماوننگ روزانو جي پريس ڪانفرنس ۾ آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي حوالي سان رڪاوٽن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته آبناءِ هرمز ۽ ان جي ويجهو پاڻي جا علائقا عالمي سامان ۽ توانائي …
آبناءِ هرمز ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻين جي حفاظت عالمي برادري جي گڏيل مفادن ۾ آهي: چين جي پرڏيهي وزارت
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻين جي حفاظت عالمي برادري جي گڏيل مفادن ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماوننگ روزانو جي پريس ڪانفرنس ۾ آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي حوالي سان رڪاوٽن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته آبناءِ هرمز ۽ ان جي ويجهو پاڻي جا علائقا عالمي سامان ۽ توانائي جي واپار جون اهم گذرگاهون آهن ۽ ان خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ عالمي برادري جي گڏيل مفادن ۾ آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته چين سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته فوري طور تي فوجي ڪارروائي بند ڪن، ته جيئن ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪي سگهجي ۽ عالمي معيشت تي اثر نه پوڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.











