وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي نتيجي ۾ لبنان ۾ 30 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن: گڏيل قومون

جنيوا -04 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي سبب لبنان ۾ 30 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين ايڇ سي آر) جي ترجمان بابر بلوچ گذريل ڏينهن جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي 53 کان وڌيڪ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙن …

جنيوا -04 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي سبب لبنان ۾ 30 هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين ايڇ سي آر) جي ترجمان بابر بلوچ گذريل ڏينهن جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي 53 کان وڌيڪ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙن کي واپسي جي وارننگ جاري ڪئي ۽ لبنان جي ٽنهي حصن ۾ شديد فضائي حملا ڪيا جنهن بعد ڏکڻ لبنان جي ڪجهه حصن، وادي بڪا ۽ بيروت جي ڏکڻ پسگردائي ۾ لڏ پلاڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن . هن چيو ته ڪالهه تائين محتاط اندازي مطابق اٽڪل 30 هزار ماڻهن جي ميزباني ۽ انهن جي گڏيل پناهه گاهن ۾ داخلا ڪئي وئي. ڪيترائي ماڻهو روڊن جي ڪناري پنهنجين گاڏين ۾ سمهي پيا. هن چيو ته پناهه جي ڳولا ۾ وڌيڪ ماڻهو ٻين علائقن ۾ پيدل هلڻ جي ڪوشش ۾ آهن . گڏيل قومن جي انساني حقن بابت آفيس جي ترجمان چيو ته اسرائيل طرفان بيروت سميت لبنان ۾ شديد جوابي حملن  بعد اسان کي جنگ جي پکڙجڻ تي به شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته هو تشدد ۾ اضافي کي فوري ختم ڪن. هن شهري فوتگين ۽ شهري بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کان علاوه ان اطلاع جو حوالو ڏنو جنهن  مطابق ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن بعد نمايان طورتي ٻيهر لڏ پلاڻ ٿي آهي. واضع رهي ته رهائشين کي واپسي جي وارننگ جاري ڪرڻ بعد اسرائيل جا فضائي حملا خاص طور تي بيروت جي ڏکڻ پسگردائي وارن علائقن ۽ ملڪ جي ڏکڻ ۾ جاري آهن.