اسان ايران خلاف جنگ ۾ شريڪ ناهيون، جارحيت جو دفاع اسان جو حق آهي: قطر

دوحه-04 مارچ (اي پي پي) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد انصاري زور ڀريو آهي ته قطر ايران خلاف جنگ ۾ شريڪ ناهي ٿيو پر هو پنهنجي زمين تي ايراني جارحيت کي روڪڻ ۽ پنهنجي دفاع جي حق جو استعمال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊاڪٽر ماجد انصاري موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ميڊيا جي ادارن تي زور ڀريو ته قطر بابت خبرون نشر ڪرڻ …

دوحه-04 مارچ (اي پي پي) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد انصاري زور ڀريو آهي ته قطر ايران خلاف جنگ ۾ شريڪ ناهي ٿيو پر هو پنهنجي زمين تي ايراني جارحيت کي روڪڻ ۽ پنهنجي دفاع جي حق جو استعمال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊاڪٽر ماجد انصاري موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ميڊيا جي ادارن تي زور ڀريو ته قطر بابت خبرون نشر ڪرڻ وقت قطر جي اعليٰ ذريعن تي دارومدار رکن. قطر پنهنجي سرزمين تي بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون جهازن ذريعي ڪيل ايران جي حملن جي مذمت ڪئي آهي. قطر جي حڪومت جو موقف آهي ته ان حملي سان خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي خطرو لاحق آهي . قطر مطابق اها ڪارروائي سٺي پاڙيسري جي اصولن جي ابتڙ ۽ عالمي قانون سميت گڏيل قومن جي چارٽر جي سراسر ڀڃڪڙي آهي.