ايران جي ايٽمي هٿيارن جي تياري جو ڪو ثبوت ناهي مليو: روس جو پرڏيهي وزير

ماسڪو -04 مارچ (اي پي پي) روس چيو آهي ته اسان کي اڃان تائين ڪي ثبوت ناهن مليا ته ايران ايٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف گذريل ڏينهن برونائي جي پرڏيهي وزير سان ڳالهائڻ دوران چئي . هن چيو ته اسان کي هيستائين ان ڳالهه جو ڪوثبوت  ناهي مليو ته ايران تي حملي جا نتيجا پوري خطي …

ماسڪو -04 مارچ (اي پي پي) روس چيو آهي ته اسان کي اڃان تائين ڪي ثبوت ناهن مليا ته ايران ايٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف گذريل ڏينهن برونائي جي پرڏيهي وزير سان ڳالهائڻ دوران چئي . هن چيو ته اسان کي هيستائين ان ڳالهه جو ڪوثبوت  ناهي مليو ته ايران تي حملي جا نتيجا پوري خطي ۾ محسوس ٿي رهيا آهن . هن سمورين ڌرين طرفان ويڙهه جي فوري خاتمي لاءِ روس جي مطالبي جو ورجاءِ ڪندي چيو ته غير مشروط شروعاتي قدمن طور اسان کي ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن  جي نتيجي ۾ شهري فوتگيون  ٿين . هن ايران ۾ هڪ اسڪول تي مبينه  حملي طرف پڻ اشارو ڪيو .