ٽوڪيو-04 مارچ (اي پي پي) جاپان جي خانگي خلائي ڪمپني اسپيس ون گذريل ڏينهن پنهنجي ننڍي راڪيٽ جي لانچنگ آخري وقت تي ملتوي ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن پنهنجي ڪائيروس راڪيٽ جي ٽئين يونٽ جي اڏام کان صرف 30 سيڪنڊ اڳ لانچنگ عمل روڪي ڇڏيو. راڪيٽ اولهه جاپان جي صوبي واڪاياما ۾ هڪ لانچ سائيٽ تان اڏامڻ وارو هو. 18 ميٽر ڊگهو، 23 ٽن وزني ٺوسگيس سان هلندڙ راڪٽ تقريباً 50 …
جاپان جي خانگي خلائي ڪمپني پاران آخري وقت تي راڪيٽ جي لانچنگ ملتوي
ٽوڪيو-04 مارچ (اي پي پي) جاپان جي خانگي خلائي ڪمپني اسپيس ون گذريل ڏينهن پنهنجي ننڍي راڪيٽ جي لانچنگ آخري وقت تي ملتوي ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن پنهنجي ڪائيروس راڪيٽ جي ٽئين يونٽ جي اڏام کان صرف 30 سيڪنڊ اڳ لانچنگ عمل روڪي ڇڏيو. راڪيٽ اولهه جاپان جي صوبي واڪاياما ۾ هڪ لانچ سائيٽ تان اڏامڻ وارو هو. 18 ميٽر ڊگهو، 23 ٽن وزني ٺوسگيس سان هلندڙ راڪٽ تقريباً 50 منٽن جي اڏام کانپوءِ 500 ڪلوميٽر پري مدار ۾ پنج سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ وارو هو. ڪمپني کي موسم جي حالتن جي ڪري لانچنگ ملتوي ڪرڻي پئي. لانچنگ شروعاتي طور تي فيبروري لاءِ شيڊول ڪئي وئي هئي پر خراب موسم جي ڪري پهرين آچر ۽ پوءِ اربع تي مقامي وقت مطابق صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.











