تل ابيب-04 مارچ (اي پي پي)اسرائيل جي پوليس دفاع واري اداري جي هيد ڪوارٽر ٻاهران سڌيءَ ريت ڪوريج ڪرڻ تي سي اين اين جي ترڪيه سان تعلق رکندڙ ٻن صحافين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي پوليس گذريل ڏينهن ٻڌايو ته رپورٽر ايمرهچڪماڪ ۽ ڪيمرا مين حليل قهرمان کي هڪ حساس سيڪيورٽي ٺڪاڻن جي فلم بندي جي شق ۾ گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها گرفتاري …
اسرائيل جي دفاع واري اداري جي سڌيءَ ريت ڪوريج ڪرڻ تان ترڪيه جا 2 صحافي گرفتار
تل ابيب-04 مارچ (اي پي پي)اسرائيل جي پوليس دفاع واري اداري جي هيد ڪوارٽر ٻاهران سڌيءَ ريت ڪوريج ڪرڻ تي سي اين اين جي ترڪيه سان تعلق رکندڙ ٻن صحافين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي پوليس گذريل ڏينهن ٻڌايو ته رپورٽر ايمرهچڪماڪ ۽ ڪيمرا مين حليل قهرمان کي هڪ حساس سيڪيورٽي ٺڪاڻن جي فلم بندي جي شق ۾ گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها گرفتاري ان وقت ٿي جڏهن ايران پاران تل ابيب ۽ وچ اسرائيل جي ٻين علائقن تي هڪ ڪروز ميزائل حملي کانپوءِ ٻئي صحافي واقعي واري هنڌ رپورٽنگ ڪري رهيا هئا.رپورٽ موجب سڌيءَ ريت نشريات دوران ٻه ماڻهو جن کي فوجي قرار ڏنو پيو وڃي رپورٽنگ ٽيم ويجهو اچي رپورٽرن جا فون ضبط ڪري ورتا. اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع مليا هيا ته ٻه ڪميرا مين موجود هيا ۽ مبينه طور تي ڪنهن غير ملڪي ميڊيا سڌيءَ ريت نشريات ڪري رهيا آهن انهن کي جاچ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. ترڪيه جي ڊائريڪٽوريٽ آف ڪميونيڪيشنز جي اڳواڻ برهان الدين گرفتاري جي مذمت ڪندي ان کي صحافت تي حملو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ترڪيه صحافين جي آزادي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي . اسرائيل ۾ فوج بابت سخت پاليسي اڳ ئي حساس هنڌن يا اهڙي معلومات جي ڇاپڻ تي پابندي لاڳو ڪري ٿي جيڪا قومي سلامتي لاءِ نقصانڪار سمجهي ويندي. غزه جنگ جي شروعات کان پوءِ انهن پابندين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. جنهن ۾ ڊيوٽي تي موجود فوجين ۽ اسٽريٽجڪ ٺڪاڻن جي فلم بندي تي سخت قاعده شامل آهن.











