سرينگر - 04 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيت تي اسلامي سھڪار تنظيم (او آءِ سي) جي خاموشي کي تنقيد جو نشاڻو بڻايو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي ”ايڪس“ تي ھڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اھو انتھائي پريشان ڪن آھي ته او آءِ سي خاموش تماشائي بڻيل آھي …
ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت تي او آءِ سي جي خاموشي افسوسناڪ آھي: صدر پي ڊي پي محبوبه مفتي
سرينگر – 04 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيت تي اسلامي سھڪار تنظيم (او آءِ سي) جي خاموشي کي تنقيد جو نشاڻو بڻايو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي ”ايڪس“ تي ھڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اھو انتھائي پريشان ڪن آھي ته او آءِ سي خاموش تماشائي بڻيل آھي جڏھن ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي خودمختياري خلاف کليل جارحيت ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته ايران جي رھبر اعليٰ آيت الله علي خامنه اي جي شھادت تي تنظيم جي خاموشي انتھائي افسوسناڪ آھي. ھن چيو ته او آءِ سي جي خاموشي آمريڪي ۽ اسرائيلي قدمن جي واڌ برابر ۽ مسلمان امت جي مفادن جي ابتڙ آھي.











