بيجنگ - 04 مارچ (اي پي پي) چين وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ فوجي ڪارروائيون فوري طور روڪڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڳالھيون ٻيھر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته ڪنھن به ملڪ کي عالمي معاملن تي بالادستي جو حق حاصل ناھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي چوڏھين قومي عوامي ڪانگريس جي چوٿين اجلاس جي ترجمان سيشن جي شروعات کان ھڪ ڏينھن …
وچ اوڀر ۾ فوجي ڪارروائيون بند ڪري امن لاءِ ڳالھيون شروع ڪيون وڃن، ڪنھن به ملڪ کي دنيا تي پنھنجي مرضي ھلائڻ جو حق ناھي: چين
بيجنگ – 04 مارچ (اي پي پي) چين وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ فوجي ڪارروائيون فوري طور روڪڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڳالھيون ٻيھر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته ڪنھن به ملڪ کي عالمي معاملن تي بالادستي جو حق حاصل ناھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي چوڏھين قومي عوامي ڪانگريس جي چوٿين اجلاس جي ترجمان سيشن جي شروعات کان ھڪ ڏينھن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ھن مقصد لاءِ چين ذميوار وڏي ملڪ طور پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندو. ترجمان چيو ته چين جي موجوده اڳڀرائي تي ڪڙي نظر آھي، ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته سمورن ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ برابري وڏي ھجي يا ننڍي، تاريخ جي ترقي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بينادي اصولن جي گهرج آھي. سندس چوڻ ھو ته ڪنھن به ملڪ کي عالمي معاملن تي بالادستي حاصل ڪرڻ، ٻين ملڪن جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ يا ترقي جا فائدا قائم ڪرڻ ۽ دنيا تي پنھنجي مرضي ھلائڻ جو حق حاصل ناھي.











