ايران جي پرائمري اسڪول تي حملي ۾ 165 شاگردياڻين کي قتل ڪندڙ جنگي ڏوهاري آهن: ايران جو سفير

ماسڪو-04 مارچ (اي پي پي) روس ۾ ايران جي سفير ڪاظم جلالي ايران جي پرائمري اسڪول تي حملي ۾ 165 شاگردياڻين کي قتل ڪندڙن کي جنگي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن ماڻهن  کي جنگي ڏوهن جي الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب لکيل هڪ مضمون ۾ ايراني سفير چيو ته مناب ۽ لامرد ۾ شهري علائقن تي راڪيٽ حملا خاص طور تي شجره طيبه پرائمري اسڪول …

ماسڪو-04 مارچ (اي پي پي) روس ۾ ايران جي سفير ڪاظم جلالي ايران جي پرائمري اسڪول تي حملي ۾ 165 شاگردياڻين کي قتل ڪندڙن کي جنگي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن ماڻهن  کي جنگي ڏوهن جي الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب لکيل هڪ مضمون ۾ ايراني سفير چيو ته مناب ۽ لامرد ۾ شهري علائقن تي راڪيٽ حملا خاص طور تي شجره طيبه پرائمري اسڪول تي حملو جنهن ۾ 165معصوم شاگردياڻيون شهيد ٿيون، اها عالمي قانون جي  خلاف ورزي آهي. اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ ايڊيشنل پروٽوڪول 1 تحت جن ۾ فوجي ۽ سويلين وچ فرق کي نظر ۾ رکڻ جو اصول بيان ڪيو ويو آهي .اها اڳڀرائي هدف سان هڪجهڙائي نٿي رکي. هن چيو ته اسڪول تي حملو جنگي ڏوهه آهي. ذميوارن کي   پنهنجي ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.