ڀارتي ايئر لائن انڊيگو پاران وچ اوڀر لاءِ محدود اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي -04 مارچ (اي پي پي) ڀارتي ايئر لائنز وچ اوڀر لاءِ محدود اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن جنگ سبب ڦاٿل هزارين مسافرن کي واپس آندو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي انڊيگو چيو آهي ته سعودي عرب جي شهر جده لاءِ 4 ريٽرن اڏامون هلايون ويون ته جئين ٻنهي ملڪن وچ ۾ فلائيٽس کي معمول تي آڻي سگهجي. اهڙيءَ …

نئين دهلي -04 مارچ (اي پي پي) ڀارتي ايئر لائنز وچ اوڀر لاءِ محدود اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن جنگ سبب ڦاٿل هزارين مسافرن کي واپس آندو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي انڊيگو چيو آهي ته سعودي عرب جي شهر جده لاءِ 4 ريٽرن اڏامون هلايون ويون ته جئين ٻنهي ملڪن وچ ۾ فلائيٽس کي معمول تي آڻي سگهجي. اهڙيءَ طرح ايئر لائن انڊيا ايڪسپريس اعلان ڪيو آهي ته هو عمان جي گادي واري هنڌ مسقط لاءِ پنهنجون اڏامون بحال ڪندو جڏهن ته گهٽ بجيٽ واري اڪاسا ايئر لائن به جده لاءِ ڪجهه اڏامون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي . جڏهن ته بحرين ،ڪويت، قطر، سعودي عرب، ۽ گڏيل عرب امارات لاءِ عمومي اڏامون ملتوي رهنديون. ايئرلائنز موجب وچ اوڀر جي صورتحال جو مسلسل جائزو ورتو پيو وڃي.