ٽوڪيو ۽ موريڪا وچ ۾ تيز رفتار ٽرين سروس بجلي جي بندش سبب ملتوي ٿيڻ  بعد بحال

ٽوڪيو-04 مارچ (اي پي پي) جاپان جي ريلوي ڪمپني جي آرايسٽ چيو آهي ته توهوڪو شنڪانسن جي تيز رفتار ٽرين سروس گذريل صبح جو ٽوڪيو ۽ اتر اوڀر جاپان جي شهر موريوڪا وچ ۾ بجلي جي بندش سبب ملتوي ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ريلوي ڪمپني ٻڌايو ته بجلي جي بندش اتر اوڀر جاپان ۾ شن شيرا ڪاوا ۽ فوڪوشيما اسٽيشنن وچ ۾ صبح جو …

ٽوڪيو-04 مارچ (اي پي پي) جاپان جي ريلوي ڪمپني جي آرايسٽ چيو آهي ته توهوڪو شنڪانسن جي تيز رفتار ٽرين سروس گذريل صبح جو ٽوڪيو ۽ اتر اوڀر جاپان جي شهر موريوڪا وچ ۾ بجلي جي بندش سبب ملتوي ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ريلوي ڪمپني ٻڌايو ته بجلي جي بندش اتر اوڀر جاپان ۾ شن شيرا ڪاوا ۽ فوڪوشيما اسٽيشنن وچ ۾ صبح جو 5 لڳي 50 منٽن تي پيش آئي. اختيارين موجب موقعي تي موڪليل اهڪارن پٽڙي ويجهو ڪريل وڻ ڏٺو جنهن کي بعد ۾ هٽايو ويو. ڪمپني موجب ٽرين سروس صبح جو 9 لڳي 20 منٽن تي بحال ڪئي وئي آهي.