سنڌ حڪومت پاران منصور احمد ميمڻ سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر

حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر منصور احمد ميمڻ کي سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجب سيڊا جي اڳوڻي ايم ڊي پريتم داس جي ريٽائرمنٽ کانپوءِ منصور احمد کي نئون ايم ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. منصور احمد ميمڻ جو آبپاشي …

حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر منصور احمد ميمڻ کي سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجب سيڊا جي اڳوڻي ايم ڊي پريتم داس جي ريٽائرمنٽ کانپوءِ منصور احمد کي نئون ايم ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. منصور احمد ميمڻ جو آبپاشي کاتي جي ماھر انجنيئرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کان اڳ هو نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ٿر ڊويزن ۽ نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ جو ڊائريڪٽر پڻ رھي چڪو آھي، جنھن دوران عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ جي پڇڙين ۾ 30 سالن کانپوءِ پاڻي پھچايو ھو. سندس ايم ڊي سيڊا جي مقرر ٿيڻ ٿي آبادگارن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي ۽ ٻيھر پڇڙين ۾ پاڻي پھچائڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي.