لاڙڪاڻو-03 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت يونيورسٽي جي ماتحت ڪاليجن ۽ ادارن جي 194 شاگردن کي آريجا ڪيمپس ۾ منعقد ڪيل باوقار تقريب دوران ليپ ٽاپ ڏنا ويا. شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 77، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جج 32، بي بي آصفه ڊينٽل …
وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ماتحت ڪاليجن ۽ ادارن جي 194 شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-03 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت يونيورسٽي جي ماتحت ڪاليجن ۽ ادارن جي 194 شاگردن کي آريجا ڪيمپس ۾ منعقد ڪيل باوقار تقريب دوران ليپ ٽاپ ڏنا ويا. شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 77، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جج 32، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي 16، بينظير ڪاليج آف نرسنگ جي 20، انسٽيٽيوٽ آف فارمييسي جي 25، انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي جج 19 ۽ پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي 5 شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بامعنيٰ تحقيق، آن لائين سکيا ۽ عالمي تعليمي وسيلن تائين پهچ لاءِ انتھائي اهميت رکي ٿي. هن شاگردن کي تلقين ڪئي ته هو ليپ ٽاپ علمي ۽ تحقيقي مقصدن لاءِ موثر ۽ ذميواري سان استعمال ڪن. هن اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ حڪومت پاڪستان ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا ٿورا مڃيا. ڊين ميڊيسن اينڊ الائيڊ پروفيسر ڊاڪٽر الطاف احمد شيخ پنھنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ ليپ ٽاپ علم ڏانھن هڪ دروازو آهي، جيڪو آن لائين ريسرچ ڊيٽابيس، ميڊيڪل جرنلز ۽ اي لرننگ پليٽ فارمز تائين پهچ فراهم ڪري ٿو. نذير احمد ٻرڙو، پرنسپل نرسنگ ڪاليج، ووٽ آف ٿينڪس پيش ڪيو ۽ سمورن منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ليپ ٽاپ ورھاست واري تقريب آءِ ٽي شعبي پاران منعقد ڪئي وئي، ڊاريڪٽر آءِ ٽي انجنيئر روشن علي شيخ تقريب دوران بريفنگ پيش ڪئي، يونيورسٽي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جو سپر فوڪل پرسن ڊپٽي ڊاريڪٽر آءِ ٽي وحيد زمان ھو. تقريب جي پڄاڻي تي مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ پڻ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاھده مگسي، رجسٽرار پروفيسر فھد جبران سيال، ڊاريڪٽر فنانس رفيق سرڪي سميت يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سمورن ادارن جي سربراهن ، فيڪلٽي ميمبر، آفيسر ۽ شاگرد وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.











