جرمني وچ اوڀر ۾ ڦاٿل 30,000 سياحن جي واپسي لاءِ سرگرم

برلن- 3 مارچ (اي پي پي) جرمني چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي صورتحال سبب مختل ملڪن ۾ ڦاٿل هزارين سياحن جي واپسي جي ڪوششن تحت سعودي عرب ۽ عمان ۾ پنهنجا  جهاز موڪليا ويندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق، جرمن ٽريول ايسوسي ايشن چيو آهي ته علائقي ۾ لڳ ڀڳ 3,000 جرمن شهري ان خطي ۾ ڦاٿل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته جرمني جلد ئي سعودي عرب ۽ …

برلن- 3 مارچ (اي پي پي) جرمني چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي صورتحال سبب مختل ملڪن ۾ ڦاٿل هزارين سياحن جي واپسي جي ڪوششن تحت سعودي عرب ۽ عمان ۾ پنهنجا  جهاز موڪليا ويندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق، جرمن ٽريول ايسوسي ايشن چيو آهي ته علائقي ۾ لڳ ڀڳ 3,000 جرمن شهري ان خطي ۾ ڦاٿل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته جرمني جلد ئي سعودي عرب ۽ عمان طرف جهاز موڪليندو جتي هوائي حدون کليل آهن، ته جيئن سڀ کان وڌيڪ ڪمزور سياحن کي ڪڍڻ شروع ڪري سگهجي. هن چيو ته  رياض ۽ مسقط جي پاسي جهاز موڪلينداسين، خاص طور تي ڪمزور گروهن لاءِ  پنهنجي   شهرين جي حفاظت اسان جي پهرين  ترجيح آهي. هن چيو ته بحران کي منهن ڏيندڙ ٽيمون مسقط، دوحا ۽ دبئي ڏانهن موڪليون ويون آهن ته جيئن جرمن شهرين جي انهن هنڌن تان ممڪن طور تي نڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي، جنهن ۾ زميني رستا به شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته قاهره ۾ جرمن سفارتخاني جي هڪ ٽيم اسرائيل مان سرحد پار سفر ۾ پڻ مدد ڪري رهي آهي. جرمن ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات ۽ قطر ۾ 5,000 مسافر ٻن ڪروز شپس ۾ گڏيل عرب امارات ۽ قطر ۾ ڦاٿل آهن. جتي ٻارن جي روئڻ ۽ خوف جي عام ماحول جون خبرون آهن.