آمريڪا جي وفاقي اپيل عدالت پاران ٽيرف جي رقم جي واپسي جي عمل ۾ دير جي صدارتي درخواست رد

واشنگٽن -03 مارچ (اي پي پي)آمريڪا جي وفاقي اپيل ڪورٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فيبروري ۾ وڌيڪ ٽيرف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ٽيرف جي رقم جي واپسي جي عمل ۾ دير ڪئي وئي هئي، اهو فيصلو آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب عدالتي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته رقم …

واشنگٽن -03 مارچ (اي پي پي)آمريڪا جي وفاقي اپيل ڪورٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فيبروري ۾ وڌيڪ ٽيرف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ٽيرف جي رقم جي واپسي جي عمل ۾ دير ڪئي وئي هئي، اهو فيصلو آمريڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب عدالتي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته رقم جي واپسي جي معاملي ۾ اهڙو ڪجهه ناهي جيڪو ان عدالت جي حڪم جي جاري ٿيڻ ۾ دير جو جواز فراهم ڪري، ٽن مهينن جي دير ته بلڪل قابل قبول ناهي. چيو ٿو وڃي ته حڪم نامو  جاري ڪرڻ جو مناسب وقت هاڻي آهي. 20 فيبروري تي سپريم ڪورٽ قرار ڏنو هو انٽرنيشنل ايمرجنسي اڪنامڪ پاورز ايڪٽ( IEEPA) صدر کي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي جڏهن ته ان فيصلي ۾ رقم جي واپسي جي معاملي تي ڪا به ڳالهه نه ڪئي وئي هئي. ٽرمپ انتظاميه فيڊرل سرڪٽ کي درخواست ڪئي هئي ته اها پنهنجو حڪم نامو 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ته جيئن ڄاڻايل کاتو پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪري سگهي.