رياض-03 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ گذريل صبح زوردار ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا جنهن کان پوءِ آمريڪي سفارتخاني جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي ۽ رياض جي سفارتي ڪوارٽر، پرڏيهي سفارتخاني ۽ پرڏيهي سفارتڪارن جي رهائش وٽ ڪارو دونهون ڏٺو ويو. عالمي ميڊيا موجب سعودي فوج جي ترجمان ٻڌايو ته رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني کي ٻن ڊرون حملن سان نشانو بڻايو ويو …
رياض ۾ زوردار ڌماڪو، آمريڪي سفارتخاني جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي
رياض-03 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ گذريل صبح زوردار ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا جنهن کان پوءِ آمريڪي سفارتخاني جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي ۽ رياض جي سفارتي ڪوارٽر، پرڏيهي سفارتخاني ۽ پرڏيهي سفارتڪارن جي رهائش وٽ ڪارو دونهون ڏٺو ويو. عالمي ميڊيا موجب سعودي فوج جي ترجمان ٻڌايو ته رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني کي ٻن ڊرون حملن سان نشانو بڻايو ويو آهي. آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي جي نتيجي ۾ (ايڪس) عمارت ۾ موجود محدود پيماني تي باهه لڳي ۽ معمولي نقصان ٿيو آهي. ان کان پوءِ آمريڪي مشن سعودي عرب بابت جده، رياض لاءِ شيلٽر ان پليس نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو خطي ۾ ڪنهن به فوجي ٺڪاڻي لاءِ غير ضروري سفر کي محدود ڪن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته رياض ۾ آمريڪي سفارت خاني تي ايراني ڊرون ( يو اي وي) حملو ڪيو آهي. وزارت موجب سفارتي مشن جي عمارت کي معمولي نقصان پهتو آهي ۽ باهه ٿوري حصي ۾ لڳي آهي. هڪ صحافي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي ٻڌايو ته ايراني ڊرون حملي وقت رياض ۾ آمريڪي سفارتخانو خالي هيو. ان واقعي ۾ ڪو به شخص مارجي يا زخمي ناهي ٿيو.











