رياض _ 3 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعطي ۽ روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي ۾ تازي علائقائي صورتحال ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ شهزاده …
سعودي پرڏيهي وزير سان مصر ۽ روس جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو
رياض _ 3 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعطي ۽ روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي ۾ تازي علائقائي صورتحال ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ شهزاده فيصل بن فرحان کي روس جي هم منصب سرگئي لاروف جو هڪ لکيل خط مليو جيڪو ٻه طرفه لاڳاپن، سمورن شعبن ۾ سهڪار ۽ اُن کي مضبوط بڻائڻ بابت آهي جيڪو سُومر ڏينهن سعودي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي سان رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روس جي سفير سرگئي ڪوزلوف ملاقات ڪري سندس حوالي ڪيو هو.











