سنڌ جي گورنر پاران هولي جي موقعي تي هندو برادري کي واڌايون

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري هولي جي موقعي تي هندو برادري کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هولي رنگن، محبت ۽ ڀائپي جو تهوار آهي، جيڪو معاشري ۾ خوشين ۽ هڪجهڙائي کي زور وٺائي ٿو. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ امن، رواداري ۽ بين المذاهب اهم آهنگي جي سرزمين آهي، جتي سڀني مذهبن کي مڃڻ وارا صدين کان گڏيل احترام ۽ ڀائپي …

ڪراچي-02 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري هولي جي موقعي تي هندو برادري کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هولي رنگن، محبت ۽ ڀائپي جو تهوار آهي، جيڪو معاشري ۾ خوشين ۽ هڪجهڙائي کي زور وٺائي ٿو. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ امن، رواداري ۽ بين المذاهب اهم آهنگي جي سرزمين آهي، جتي سڀني مذهبن کي مڃڻ وارا صدين کان گڏيل احترام ۽ ڀائپي سان رهي رهيا آهن. هن چيو ته سڀني اقليتي برادرين جو تحفظ ۽ احترام اسان جي آئيني ۽ اخلاقي ذميداري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هولي جو ڏڻ اسان کي محبت، برداشت ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿو ۽ اسان کي گهرجي ته انهن قدرن کي پنهنجي زندگي ۾ به اختيار ڪريون. هن چيو ته صوبي ۾ آباد هندو برادري ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ تعليم ۽ صحت سوڌو مختلف شعبن ۾ سندن خدمتون قابل تحسين آهن. گورنر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي زندگي جي هر شعبي ايستائين جو مٿين ايوان ۽ هيٺين ايوان ۾ به مناسب نمائندگي حاصل آهي، جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ۾ برابري ۽ شموليت جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن ان عزم کي ورجايو ته صوبائي حڪومت سڀني شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.