گڏيل قومون-02 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي حملن دوران ايران ۾ ھڪ گرلز پرائمري اسڪول تي بمباري تي عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا تي جاري بيان ۾ يونيسڪو چيو ته تعليمي ھنڌ جتي ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، عالمي انساني قانون تحت محفوظ ھوندا آھن ۽ …
ايران جي گرلز اسڪول تي بمباري مذمت جوڳي آھي، اھا عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي: يونيسڪو
گڏيل قومون-02 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي حملن دوران ايران ۾ ھڪ گرلز پرائمري اسڪول تي بمباري تي عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا تي جاري بيان ۾ يونيسڪو چيو ته تعليمي ھنڌ جتي ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، عالمي انساني قانون تحت محفوظ ھوندا آھن ۽ تعليمي ادارن تي حملو شاگردن ۽ استادن کي خطري ۾ وجھڻ سان گڏو گڏ تعليمي حق کي به مجروح ڪري ٿو. ان کان علادو گڏيل قومن جي ميسنجر آف پيس ۽ نوبل امن انعام ماڻيندڙ ملاله يوسفزئي اسڪول تي بمباري تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو. ھن سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته شھرين خاص طور ٻارن کي قتل ڪرڻ معافي جوڳو نه آھي ۽ مان ان جي غير مبھم لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿي. ملاله خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي، انصاف ۽ احتساب جو مطالبو ڪندي چيو ته سمورين رياستن ۽ ڌرين تي لازم آھي ته ھو عالمي قانون تحت شھرين جي تحفظ ۽ اسڪولن جي سلامتي کي يقيني بڻائين. ھن لکيو ته ھر ٻار کي امن سان جيئڻ ۽ سکڻ جو حق حاصل آھي.











