واشنگٽن-02 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف ڪارروائيون ضرورت پوڻ تي 4 کان 5 هفتن تائين جاري رهي سگهن ٿيون. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ايران جي قيادت لاءِ ٽي سٺا اميدوار موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن وينزويلا جي مثال ڏني ته اڳوڻي صدر نڪولس مادورو کي پڪڙڻ کانپوءِ آمريڪا آندو ويو هو. يعني وينز ويلا …
ايران خلاف ڪارروائيون ضرورت پوڻ تي 4 کان 5 هفتن تائين جاري رهي سگهن ٿيون: آمريڪي صدر
واشنگٽن-02 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف ڪارروائيون ضرورت پوڻ تي 4 کان 5 هفتن تائين جاري رهي سگهن ٿيون. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ايران جي قيادت لاءِ ٽي سٺا اميدوار موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن وينزويلا جي مثال ڏني ته اڳوڻي صدر نڪولس مادورو کي پڪڙڻ کانپوءِ آمريڪا آندو ويو هو. يعني وينز ويلا ۾ صدر کي هٽائڻ باوجود به حڪومت تبديل نه ڪئي وئي ۽ شايد ايران ۾ به ائين ئي ڪيو ويندو. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل چار کان پنج هفتن تائين ان ئي شدت سان ايران تي حملا جاري رکي سگهن ٿا. هن چيو ته اهو مشڪل نه هوندو. اسان وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ ذخيرو ڪيا ويا آهن. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ان وٽ ايران جي قيادت لاءِ ٽي بهترين اميدوار آهن پر هن ڪنهن جو نالو نه ورتو. ٽرمپ ان سوال جو جواب نه ڏنو ته ڇا لاريجاني ايراني حڪومت جو نئون اڳواڻ هوندو. جڏهن هن کان ايران ۾ طاقت جي منتقلي جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ايراني فوجي قيادت سميت پاسداران انقلاب ايراني عوام آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي. آمريڪي صدر چيو ته جيڪو اسان وينزويلا ۾ ڪيو، منهنجو خيال اهي ته اها بهترين صورتحال آهي. هن جواز پيش ڪيو ته جيڪو وينزويلا ۾ ڪارائتو ثابت ٿيو اهو ايران ۾ به ڪارائتو ثابت ٿيندو، سڀئي ماڻهو پنهنجن عهدن تي برقرار رهيا سوائي ٻن ماڻهن جي. ايران جي سربراهي لاءِ ٽن سٺن اميدوارن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ ٽرمپ ان امڪان جو به اظهار ڪيو ته ايراني عوام موجوده حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو. هن جو چوڻ هو ته هو ڪيترن ئي سالن کان ان بابت ڳالهائي رهيو آهي ۽ هاڻي هن وٽ موقعو آهي. هن چيو ته مونکي نٿو لڳي ته نار فارس ۾ عرب رياستن کي به ايران خلاف آمريڪي حملن ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. ٽرمپ چيو ته کيس توقع آهي ته جيڪڏهن نئين ايراني قيادت پر اميد شراڪتدار ثابت ٿئي ٿي ته هو ايران تي لاڳو معاشي پابنديون ختم ڪري سگهي ٿو. ايراني عوام جي موجوده حڪومت خلاف بغاوت جي امڪاني ڪوششن تي سندن مدد جي حوالي سان سوال تي آمريڪي صدر چيو ته مان ڪو واعدو نٿو ڪري سگهان، اهو وقت کان اڳ آهي.











