ترڪ اسٽريم ۽ بليو اسٽريم پائپ لائنن تي تخريبڪاري جون ڪوششون، روسي سفارتخاني جي دعويٰ

ماسڪو/انقره-02 مارچ (اي پي پي) ترڪيه ۾ روسي سفارتخاني دعويٰ ڪئي آهي ته روس ۽ ترڪيه وچ ۾ سمنڊ ۾ وڇايل گيس پائپ لائنن ترڪ اسٽريم ۽ بليو اسٽريم جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ تخريبڪاري جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سفارتخاني اسانجن مخالفن طرفان ترڪ اسٽريم ۽ بليو اسٽريم جي انفراسٽرڪچر خلاف تخريبڪاري جون ڪوششون ڪيون ويون پر وڌيڪ تفصيل فراهم ناهي ڪئي وئي. ان …

ماسڪو/انقره-02 مارچ (اي پي پي) ترڪيه ۾ روسي سفارتخاني دعويٰ ڪئي آهي ته روس ۽ ترڪيه وچ ۾ سمنڊ ۾ وڇايل گيس پائپ لائنن ترڪ اسٽريم ۽ بليو اسٽريم جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ تخريبڪاري جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سفارتخاني اسانجن مخالفن طرفان ترڪ اسٽريم ۽ بليو اسٽريم جي انفراسٽرڪچر خلاف تخريبڪاري جون ڪوششون ڪيون ويون پر وڌيڪ تفصيل فراهم ناهي ڪئي وئي. ان کان اڳ روسي حڪومت جي ترجمان هڪ بريفنگ ۾ چيو هو ته روسي انٽيلي جنس ادارن وٽ اطلاع آهن ته يوڪريني حڪومت اسود سمنڊ ۾ گيس پائپ لائنن خلاف تخريبڪاري جي تياري ڪري رهي آهي ۽ اها معلومات ترڪي سان ڪيترائي ڀيرا شيئر ڪئي وئي آهي. روسي اختيارين مطابق ان نوعيت جون ڪارروائيون خطي ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ علائقائي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿيون.