اسلام آباد -02 مارچ (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت ۽ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ اٽڪل 180 شاگردياڻين جي شهادت جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري هڪ بيان …
ايران تي حملو کليل جارحيت، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو جهڙين پابندين جي مذمت ڪيون ٿا: حريت ڪانفرنس
اسلام آباد -02 مارچ (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت ۽ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ اٽڪل 180 شاگردياڻين جي شهادت جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ ايران جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سپريم ليڊر جي شهادت کي غير اخلاقي ۽ غيرقانوني مذمت جوڳو ۽ عالمي قانون ۽ عالمي استحڪام تي سنگين حملو قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ايران تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن خلاف آهن. حريت ترجمان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بي جي پي حڪومت پاران لاڳو ڪرفيو جهڙين پابندين جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي فورسز جي وڏي انگ ۾ موجودگي سبب ڪشميري 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان مسلسل گهيراءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.











