خطي جي صورتحال سبب گڏيل عرب امارات جون ڪيپٽل مارڪيٽس اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ بند

ابو ظهبي-02 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جون ڪيپٽل مارڪيٽ اٿارٽي پنهنجي نگران ۽ ضابطه ڪار ڪردار تحت اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جون ڪيپٽل مارڪيٽس سومر 2 مارچ 2026ع کان ايندڙ اطلاع تائين بند رهنديون، اهو فيصلو ابوظهبي سيڪيورٽيز ايڪسچينج ۽ دبئي فنانشل مارڪيٽ ٻنهي تي لاڳو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيپٽل مارڪيٽ اٿارٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪندي ۽ …

ابو ظهبي-02 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جون ڪيپٽل مارڪيٽ اٿارٽي پنهنجي نگران ۽ ضابطه ڪار ڪردار تحت اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جون ڪيپٽل مارڪيٽس سومر 2 مارچ 2026ع کان ايندڙ اطلاع تائين بند رهنديون، اهو فيصلو ابوظهبي سيڪيورٽيز ايڪسچينج ۽ دبئي فنانشل مارڪيٽ ٻنهي تي لاڳو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيپٽل مارڪيٽ اٿارٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪندي ۽ مارڪيٽ جي حالتن جو باقاعده جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ضرورت پوڻ تي وڌيڪ ريگوليٽري قدم به کڻي سگهجن ٿا. سيڙپڪارن، بروڪريج ادارن ۽ ٻين ڌرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو تازي معلومات ۽ اعلان لاءِ ڪيپٽل مارڪيٽ اٿارٽي، ابوظهبي سڪيورٽيز ايڪسچينج ۽ دبئي فنانشل مارڪيٽ جي سرڪاري اختيارين سان رابطو ڪن.