تهران -01 مارچ (اي پي پي) ايران جي سرڪاري ميڊيا ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله خامنه اي ڇنڇر ڏينهن ٿيل آمريڪي ۽ اسر ائيلي حملن ۾ شهيد ٿيو. سپريم ليڊر جي شهادت سندس آفيس ۾ ٿي. ٽي وي تي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو بيان پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ …
ايران جو سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو، ايران جي سرڪاري ميڊيا پاران تصديق
تهران -01 مارچ (اي پي پي) ايران جي سرڪاري ميڊيا ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله خامنه اي ڇنڇر ڏينهن ٿيل آمريڪي ۽ اسر ائيلي حملن ۾ شهيد ٿيو. سپريم ليڊر جي شهادت سندس آفيس ۾ ٿي. ٽي وي تي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو بيان پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ خامنه اي جي موت جي باضابطا تصديق ڪئي وئي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب سپريم ليڊر جي شهادت تي ايران ۾ 7 ڏينهن جي موڪل ۽ 40 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ سپريم ليڊر خامنه اي جي ڌيءَ ۽ ڏوهٽي جي شهادت جي به تصديق ڪئي. ايراني سرڪاري ميڊيا بڌايو ته حملن ۾ آيت الله خامنه اي جي ناٺي ۽ نُهن به شهيد ٿي ويا.











