گڏيل قومون -01 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خبردار ڪيو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملا ۽ ان کان پوءِ جوابي ڪارروائيون پوري خطي جي سلامتي کي ڪمزور ڪنديون ۽ ان جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان علائقائي ٽڪراءَ جي خطري …
ايران تي حملا ۽ جوابي ڪارروائيون علائقائي سلامتي لاءِ نقصانڪار نتيجا ڏيندڙ هونديون: پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل ۾ تنبيهه
گڏيل قومون -01 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خبردار ڪيو آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملا ۽ ان کان پوءِ جوابي ڪارروائيون پوري خطي جي سلامتي کي ڪمزور ڪنديون ۽ ان جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان علائقائي ٽڪراءَ جي خطري تي شديد ڳڻتي جو شڪار آهيون. اهو اجلاس فرانس، چين، روس، بحرين ۽ ڪولمبيا جي درخواست تي طلب ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهي گڏيل حملا اهڙي وقت ٿيا آهن جڏهن پرامن ۽ ڳالهين جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري هيون. هن انهن حملن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو جڏهن ته ايران پاران سعودي عرب، بحرين، اردن، ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات تي حملن جي به مذمت ڪئي ۽ انهن ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي وڌ کان وڌ تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڀريو. هن عمان جي ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري ۽ ٽياڪڙي ڪري رهيو هو. هن گڏيل عرب امارات ۾ حملي دوران هڪ پاڪستاني شهري جي مارجڻ جي به مذمت ڪئي. پاڪستاني نمائندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائي سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪن ۽ اهڙن وڌيڪ قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي جي ملڪن جي سلامتي ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. بحث جي شروعات ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪا به رياست ڪنهن ٻئي ملڪ جي علائقائي سلامتي يا سياسي خودمختياري خلاف طاقت جو استعمال يا ڌمڪي کان پاسو ڪري. هن آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن ۽ ان کان پوءِ ايران پاران بحرين، عراق، اردن، ڪويت، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي. انتونيو گوتريش خبردار ڪيو ته اسان عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطري جي صورتحال کي منهن ڏيندي ڏسي رهيا آهيون. هن موجب ايران جي اٽڪل 20 شهرن سميت تهران، اصفهان، قم، شهريار ۽ تبريز کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته تهران ۾ صدارتي محل ويجهو شديد ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته عمان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل آمريڪا- ايران سڌين ڳالهين جي ٽين دور کان پوءِ سفارتڪاري جو موقعو ضايع ٿي ويو. هن فوري جنگ بندي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خاص طور تي ايراني ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جي ميز تي واپسي تي زور ڀريو. پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ اڳ کان ئي موجود ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي تڪرارن جو پرامن حل، ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهن.











