نئين دهلي -01 مارچ (اي پي پي)ڀارت جي ڏکڻ اولهه واري رياست ماهراشٽرا ۾ هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 15 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي پوليس ٻڌايو ته اهو ڌماڪو رياست جي علائقائي ڪلماشور ۾ گذريل ڏينهن صبح جو 7 وڳي ٿيو. فيڪٽري صنعتي ڌماڪي دار مواد تيار ڪري رهي هئي جيڪو کاڻين ۽ ٻين بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ استعمال ٿيندو آهي. …
ڀارت جي هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 15 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي
نئين دهلي -01 مارچ (اي پي پي)ڀارت جي ڏکڻ اولهه واري رياست ماهراشٽرا ۾ هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 15 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي پوليس ٻڌايو ته اهو ڌماڪو رياست جي علائقائي ڪلماشور ۾ گذريل ڏينهن صبح جو 7 وڳي ٿيو. فيڪٽري صنعتي ڌماڪي دار مواد تيار ڪري رهي هئي جيڪو کاڻين ۽ ٻين بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ استعمال ٿيندو آهي. پوليس موجب فيڪٽري مان گهٽ ۾ گهٽ 15 لاش هٿ آيا آهن ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ماڻهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سمورا متاثر فيڪٽري جا پورهيت آهن، ڌماڪي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.











