گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين اڳواڻن پاران پاڪ – افغان سرحد تي چڪرين ڳڻتي جو اظهار، سفارتڪاري تي زور

گڏيل قومون-27 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي اعليٰ اختيارين طالبان ويڙهاڪن ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ڪراس بارڊر چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختلافن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو آهي ته سيڪريٽري جنرل صورتحال تي گهري نظر رکي آهي، سيڪريٽري جنرل لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو …

گڏيل قومون-27 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي اعليٰ اختيارين طالبان ويڙهاڪن ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ڪراس بارڊر چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختلافن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو آهي ته سيڪريٽري جنرل صورتحال تي گهري نظر رکي آهي، سيڪريٽري جنرل لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو عالمي قانون تحت پنهنجي ذميوارين جي پاسداري ڪن ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين. ترجمان چيو ته سيڪريٽري جنرل هاڻوڪن مهينن ۾ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهيندي ڌرين تي زور ڀريو ته هو پنهنجي اختلافن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکن. ٻئي پاسي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه وولڪر ترڪ به افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته اها صورتحال طاقت جي استعمال ۾ اضافي بدران فوري سياسي ڳالهين جي گهرجائو آهي. عالمي اداري کانسواءِ گڏيل قومن جي حمايت يافته اداري عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) طالبان جي سپريم ليڊر هيبته الله اخونزاده ۽ طالبان جي چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. وارنٽ موجب ٻنهي ماڻهن تي انسانيت خلاف ڏوهه، خاص ڪري عورتن، نياڻين ۽ طالبان جي صنفي پاليسي سان اختلاف رکندڙن خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جا حڪم ڏيڻ يا ان جي ترغيب ڏيڻ جي الزامن جا واضح ثبوت موجود آهن.