گڏيل قومون -26 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي حصيدارن ۾ شامل پاڪستان امن فوج لاءِ وڌندڙ خطرن جي حوالي سان سخت تنبيهه جاري ڪئي آهي . گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته دشمن عنصر طرفان ڊرونز ۽ ٻين جديد اوزارن جو استعمال خطري جي ماحول کي بدلائي ڇڏيو آهي . هن نيويارڪ ۾ …
گڏيل قومن جي امن فوج جي حفاظت لاءِ فوري قدم ضروري بڻجي ويا، نوان فني خطرا وڌي ويا آهن :عاصم افتخار احمد

مزید خبریں
گڏيل قومون -26 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي حصيدارن ۾ شامل پاڪستان امن فوج لاءِ وڌندڙ خطرن جي حوالي سان سخت تنبيهه جاري ڪئي آهي . گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته دشمن عنصر طرفان ڊرونز ۽ ٻين جديد اوزارن جو استعمال خطري جي ماحول کي بدلائي ڇڏيو آهي . هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ چيو ته امن فوج لاءِ ماحول مونجهاري جو شڪار ، غير مستحڪم ۽ موتمار بڻجي رهيو آهي . هن چيو ته اسان جو رد عمل به انهي مطابق ، مربوط ۽ گڏيل هجڻ گهرجي . هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي مختلف مشنز ۾ پاڪستان جا هيستائين 182 امن فوجي شهيد ٿي چڪا آهن ۽ مختلف مشنز جن ۾ ڏکڻ سوڊان ، مرڪزي آفريقي جهموريه ڪانگو ۽ لبنان ۽ اسرائيل جي سرحد تي پرامن فوجي اهلڪار موجود آهن جن لاءِ سلامتي جا خطرا وڌي رهيا آهن . پاڪستاني نمائندي ڪادگلي ۾ تازو ڊرون حملن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ان سبب بنگلاديش جا 06 امن فوجي مارجي ويا هئا ، اهو ظاهر ٿئي ٿو ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال غير رياستي عنصر ڪري رهيا آهن، جنهن سان حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ۽ جوابدهي مشڪل ٿي ويندي آهي . هن زور ڀريو ته نيون ٽيڪنالاجيز خطرن کي وڌائينديون آهن پر اهي حل جو حصو به آهن. ان ڏس ۾ غير هٿياربند فضائي نظام (Counter-UAS) جون صلاحيتون، بهتر الرٽ سسٽمز، جديد نگراني ۽ ڊيٽا تي ٻڌل خطري جو تجزيو امن فوج جي حفاطت لاءِ لازمي آهن . پاڪستاني سفير واضح ڪيو ته حفاطت ۽ سلامتي جو اصول اهو هجڻ گهرجي ته مشنز جي مينڊيٽ کي ضروري صلاحيتن ۽ وسيلن سان هم آهنگ ڪيو وڃي . هن چيو ته تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي شروعات هڪ سادي اصول سان هجڻ گهرجي جنهن ۾ مينڊيٽ کي ضروري صلاحيتن ۽ وسيلن سان ملائڻ گهرجي.










