ميڊرڊ-26 فيبروري(اي پي پي) اسپين جي مشهور ترين ۽ مصروف ترين سامونڊي ڪناري مان هڪ سياحتي ڪناري ” لانزاروٽ “ کي بند ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻيٽ ڪينري ۾ صحت جي اختيارين يورپ جي مشهور ترين ۽ هجوم واري سامونڊي ڪناري مان هڪ سياحتي ڪناري ” لانزاروٽ “ کي بند ڪري ڇڏيو آهي . سڄو سال لکين يورپي شهري ان سامونڊي ڪناري جو رخ ڪندا آهن .عارضي …
اسپين جي سامونڊي ڪناري لانزاروٽ کي گند ڪچري جي گدلاڻ سبب سياحن لاءِ بند ڪيو ويو

مزید خبریں
ميڊرڊ-26 فيبروري(اي پي پي) اسپين جي مشهور ترين ۽ مصروف ترين سامونڊي ڪناري مان هڪ سياحتي ڪناري ” لانزاروٽ “ کي بند ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻيٽ ڪينري ۾ صحت جي اختيارين يورپ جي مشهور ترين ۽ هجوم واري سامونڊي ڪناري مان هڪ سياحتي ڪناري ” لانزاروٽ “ کي بند ڪري ڇڏيو آهي . سڄو سال لکين يورپي شهري ان سامونڊي ڪناري جو رخ ڪندا آهن .عارضي بندش جو اهو فيصلو اتان جي گدلاڻ جي بلند سطح ملڻ بعد ڪيو ويو آهي جيڪو عوامي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. ٻڌايو ويو آهي ته ٽيسٽن ۾ پاڻي اندر انساني گدلاڻ جي انڪشاف بعد سامونڊي ڪناري کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. صحت جي اختيارين مطابق ان مشهور ٻيٽ جي ننڍن علائقن ” بلايا بلانڪا “ جي سامونڊي ڪناري تي بيڪٽيريا جو وڏو مقدار مليو آهي. ٽيسٽن جي نتيجي مان اها خبر پئي ٿي ته ” لانزاروٽ ۾ گدلاڻ جي موجوده سطح ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو آهي.









