رياض _ 26 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت مملڪت ۾ ورڪ فورس جي ڀلائي ۽ ترقي جي حوالي سان ليبر لا ۾ ٿيل نيون ترميمون جاري ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق افرادي سگهه واري وزارت جو چوڻ آهي ته مملڪت ۾ مالڪ ۽ پورهيت جي معاملن کي بهتر ۽ ڌرين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم …
سعودي عرب پاران پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ نئين ترميم جاري

مزید خبریں
رياض _ 26 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت مملڪت ۾ ورڪ فورس جي ڀلائي ۽ ترقي جي حوالي سان ليبر لا ۾ ٿيل نيون ترميمون جاري ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق افرادي سگهه واري وزارت جو چوڻ آهي ته مملڪت ۾ مالڪ ۽ پورهيت جي معاملن کي بهتر ۽ ڌرين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي . اهي تبديليون مختلف شعبن بابت آهن جن ۾ کاڻيون کوٽڻ، معدنيات ، مينٽيننس ۽ آپريشنل ضابطن ۾ ڪيل ڀڇڪڙيون شامل آهن . پرڏيهه کان افرادي سگهه، آمدني واپار ڪندڙ ادارا، گهريلو ملازمن ۽ مين پاور سيڪٽر بابت ادارن لاءِ ضابطه مقرر ڪيا ويا آهن. افرادي سگهه مطابق ادارن جي درجه بندي اتي موجود ڪارڪنن جي انگ مطابق ڪئي وئي آهي. اهڙا ادارا جتي ڪارڪنن جو انگ 20 کان گهٽ آهي کين درجه (ج ) ۾ رکيو ويو .21 کان 49 ڪارڪنن وارو ادارو ” ب “ ۽ 50 کان وڌيڪ ادارن کي ” الف “ جي ذمري ۾ شامل ڪيو ويو آهي . انهن ادارن جي انتظاميه لاءِ لازمي آهي ته ڪارڪنن جي جسماني صحت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي. سنگين سيفٽي ڀڃڪڙي رڪارڊ هجڻ جي صورت ۾ درجه بندي ” ج “ جي اداري تي 1500 ريال جڏهن ته ” ب “ تي 2500 ۽ الف تي 5000 ريال ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو . مالڪ تي لازم هوندو ته هو ڪم وارن هنڌن تي هيلٿ اينڊ سيفٽي ضابطن جا نقطا عربي ۽ انگريزي ۾ واضع طور تي لکن . ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ غير سنگين ڀڃڪڙي داخل ڪئي ويندي.










