سعودي عرب جي حج واري وزارت پاران رهائشي خدمتن جي ڀڃڪڙي تي عمري وارين 3 ڪمپنيُون معطل

رياض - 26 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين کي رهائشي خدمت جي ڀڃڪڙي تي ٽن عمره ڪمپنين کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت بيان ۾ چيو آهي ته منظور ٿيل ڪانٽريڪٽ پروگرام مطابق زائرين کي رهائش جي خدمت جي فراهمي ۾ ناڪامي تي عمره ڪمپنين خلاف ڪاروائي ڪئي وئي . وزارت جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل …

رياض – 26 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين کي رهائشي خدمت جي ڀڃڪڙي تي ٽن عمره ڪمپنين کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت بيان ۾ چيو آهي ته منظور ٿيل ڪانٽريڪٽ پروگرام مطابق زائرين کي رهائش جي خدمت جي فراهمي ۾ ناڪامي تي عمره ڪمپنين خلاف ڪاروائي ڪئي وئي . وزارت جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل اختيارين جي تعاون سان انهن ڪمپنين سان معاهدو ڪندڙ ڪمپنين کي سمورن متاثر زائرين لاءِ رهائش جو انتظام ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي . اهو قدم متاثر ماڻهن جي حقن جي تحفظ، اهڙي طرح جون ڀڃڪڙيون روڪڻ ۽ فراهم ڪيل خدمت جي معيار کي وڌائڻ لاءِ منظور ٿيل ريگيوليٽري فريم ورڪ مطابق ڪيو ويو . وزارت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو. عمره زائرين جا حق اولين ترجيح آهن ، انهن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو . حج ۽ عمره واري وزارت سمورن عمره ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته هو منظور ٿيل ضابطن ۽ هدايتن جي پابندي ۽ پنهنجي معاهدي مطابق خدمتون فراهم ڪن.