پاڪستان پاران جمهوريه مرڪزي آفريقا ۾ ٿيل تازين چونڊن جي آجيان، لڳاتار نازڪ صورتحال کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ عالمي سهڪار اڻٽر آهي: سفير عثمان جدون

گڏيل قومون-26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه مرڪزي آفريقا جي ڊسمبر 2025ع ۾ منعقد ٿيل صدارتي، پارلياماني، علائقائي ۽ بلدياتي چونڊن جي آجيان ڪندي خبردار ڪيو آهي ته تازن سالن ۾ حاصل ٿيل اڳڀرائي لڳاتار نازڪ آهي ۽ ان کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ مسلسل عالمي سهڪار اڻٽر آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون سلامتي ڪائونسل ۾ جمهوريا مرڪزي آفريقا جي صورتحال …

گڏيل قومون-26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه مرڪزي آفريقا جي ڊسمبر 2025ع ۾ منعقد ٿيل صدارتي، پارلياماني، علائقائي ۽ بلدياتي چونڊن جي آجيان ڪندي خبردار ڪيو آهي ته تازن سالن ۾ حاصل ٿيل اڳڀرائي لڳاتار نازڪ آهي ۽ ان کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ مسلسل عالمي سهڪار اڻٽر آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون سلامتي ڪائونسل ۾ جمهوريا مرڪزي آفريقا جي صورتحال بابت بحث کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته جمهوريا مرڪزي آفريقا جون اهي چونڊون گڏيل قومن جي گهڻ رخي مربوط استحڪام مشن (ايم آءِ اين يو ايس سي اي) جي لاجسٽڪ، فني ۽ سيڪيورٽي سهڪار سان منعقد ٿيون جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مشن سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ استحڪام جي ضامن طور لڳاتار اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن 2019ع جي امن معاهدي تي عمل، هٿياربند گروپن جي خاتمي ۽ ڊي ڊي آر (هٿيارن جي خاتمي، غير قانوني فوجي ڪاري ۽ بحالي) پروگرام ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي، پر اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ بدامني، باقي رهيل هٿياربند عنصرن جي موجودگي ۽ سوڊان مان اثرن جي ڦهلاءُ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. هن جو چوڻ هو ته قومي دفاع ۽ داخلي سيڪيورٽي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، رياستي عملداري کي هٿي ڏيڻ ۽ انصاف ۽ مفاهمت جي عمل کي اڳتي وڌائڻ پائيدار استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ايم آءِ اين يو ايس سي اي سلامتي ڪائونسل جو هڪ ڪامياب مثال آهي، پر پاڪستان کي اڻ برابري تي ٻڌل مالي ڪٽوتين تي ڳڻتي آهي جيڪا امن مشنز ۽ ڪائونسل جي بنيادي مينڊيٽ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن نشاندهي ڪئي ته فوجي جٿا فراهم ڪندڙ ملڪن کي 30 سيپٽمبر 2025ع کان اهلڪارن جي خرچن ۽ 31 ڊسمبر 2024ع کان سامان جي مد ۾ ادائيگيون ناهن مليون، ان صورتحال ۾ فوجي جٿا فراهم ڪندڙ ملڪ نه رڳو انساني وسيلا ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن پر مالي بار به برداشت ڪري رهيا آهن جڏهن ته مينڊيٽ جي جوڙجڪ يا تبديلي ۾ انهن جي شموليت محدود آهي. پاڪستان جمهوريا مرڪزي آفريقا جي قومي ترجيحن سان هم آهنگ شرطن تي ٻڌل منتقلي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته گذريل ڏهاڪي ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن انهن جي واپسي جو خطرو نه هجي. جمهوريا مرڪزي آفريقا جي خودمختياري ۽ ايم آءِ اين يو ايس سي اي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان حصيدارن سان گڏجي اتي پائيدار امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.