رياض-26 فيبروري (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ڪويت جي قومي ڏينهن تي ڪويت جي رياست جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي مبارڪون پيش ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز گذريل ڏينهن ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصالح ڏانهن موڪليل مبارڪن واري پيغام ۾ ڪويت جي امير لاءِ …
سعودي عرب جي قيادت پاران ڪويت جي امير کي قومي ڏينهن تي مبارڪون
رياض-26 فيبروري (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ڪويت جي قومي ڏينهن تي ڪويت جي رياست جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي مبارڪون پيش ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز گذريل ڏينهن ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصالح ڏانهن موڪليل مبارڪن واري پيغام ۾ ڪويت جي امير لاءِ نيڪ خواهشن ۽ سندس صحت ۽ سلامتي جي دعا ڪئي. هن ڀائر ملڪ ڪويت جي حڪومت ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن ۽ عوام وچ ۾ موجوده مثالي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو، جن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان به شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي ڪويت جي قومي ڏينهن تي مبارڪن وارو پيغام موڪليو آهي. ولي عهد ڪويت جي امير لاءِ مبارڪن، بهترين صحت، ڪويت جي حڪومت ۽ عوام لاءِ وڌيڪ ترقي جي دعا ڪئي.











