نيويارڪ-26 فيبروري (اي پي پي) صحافين جي حقن جي تحفظ واري تنظيم ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) چيو آهي ته دنيا ۾ 2025ع ۾ رڪارڊ 129 صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو جن مان ٻه ڀاڳي ٽي جو ذميوار اسرائيل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس جي چيف ايگزيڪٽو جوڊي گنيز برگ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن …
دنيا ۾ 2025ع ۾ رڪارڊ 129 صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو، جن مان ٻه ڀاڳي ٽي جو ذميوار اسرائيل آهي: ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس
نيويارڪ-26 فيبروري (اي پي پي) صحافين جي حقن جي تحفظ واري تنظيم ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) چيو آهي ته دنيا ۾ 2025ع ۾ رڪارڊ 129 صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو جن مان ٻه ڀاڳي ٽي جو ذميوار اسرائيل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس جي چيف ايگزيڪٽو جوڊي گنيز برگ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن معلومات تائين پهچ اڳ ۾ کان وڌيڪ اهم آهي صحافين جو رڪارڊ تعداد ۾ قتل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن صحافين کي خبرون ڏيڻ تي قتل ڪيو وڃي ته اسان سڀني کي خطرو هوندو آهي. سي پي جي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته 2025ع ۾ ٿيل سمورن قتلن مان ٽي ڀاڳي چار کان وڌيڪ جنگين سبب ٿيا. جوڊي گينز برگ چيو ته 2025ع ۾ اسرائيلي فائرنگ سبب مارجي ويل پريس سان لاڳاپيل 86 ماڻهن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ غزه مان رپورٽنگ ڪندڙ فلسطيني هئا. يوڪرين ۽ سوڊان ۾ به صحافين جي قتل ۾ هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 2025ع ۾ اضافو ٿيو. سي پي جي ڊرونز جي استعمال ۾ اضافي تي روشني وڌي جنهن جا 39 ڪيسز داخل ڪيا ويا جن ۾ غزه ۾ اسرائيل هٿان 28 ۽ سوڊان ۾ ريپڊ سپورٽ فورسز هٿان 5 ماڻهن جو مارجڻ شامل آهي. يوڪرين ۾ ڊرون حملن ۾ چار صحافي مارجي ويا. سي پي جي قتل جي شفاف جاچ جي کوٽ کي اجاگر ڪندي چيو ته معافي کان ڇوٽ جي مستقل ڪلچر سبب صحافي تيزي سان ڪمزور ٿي رهيا آهن. ميڪسيڪو ۾ 2025ع ۾ 6 صحافين کي قتل ڪيو ويو ۽ سمورا ڪيسز اڃان حل طلب آهن. فلپائن ۾ ٽن صحافين کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سي پي جي جي رپورٽ مطابق ٻين کي بدعنواني بابت رپورٽنگ کانپوءِ قتل ڪيو ويو مثال طور هڪ بنگلاديشي رپورٽر کي دوکو ڏيندڙ گروپ جي ماڻهن قتل ڪيو. اهڙن ئي منظم ڏوهن بابت رپورٽنگ دوران فوتگيون ڀارت ۽ پيرو ۾ به رڪارڊ ڪيون ويون.











