واشنگٽن-26 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن الهان عمر ۽ رشيده طليب کي ملڪ بدر ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ مخالف ڌر جي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ ٻنهي ڪانگريس ميمبرن آمريڪي صدر جي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران اميگريشن جي حوالي سان آمريڪي صدر جي پاليسين خلاف احتجاجي نعرا لڳايا هئا. صدر چيو ته صوماليا ۾ …
الهان عمر ۽ رشيده طليب کي ملڪ بدر ڪرڻ گهرجي: صدر ٽرمپ
واشنگٽن-26 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن الهان عمر ۽ رشيده طليب کي ملڪ بدر ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ مخالف ڌر جي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ ٻنهي ڪانگريس ميمبرن آمريڪي صدر جي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران اميگريشن جي حوالي سان آمريڪي صدر جي پاليسين خلاف احتجاجي نعرا لڳايا هئا. صدر چيو ته صوماليا ۾ ڄائو آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ۽ فلسطيني ڄائي آمريڪي ڪانگريس ميمبر رشيده طليب کي انهن جي ملڪن ۾ واپس موڪليو وڃي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي آمريڪي صدر لکيو ته ٻنهي ڪانگريس ميمبرن بدتهذيب ۽ بدعنوان سياستدانن جهڙو ورتاءُ ڪيو آهي ۽ کين آمريڪا مان ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي قسم جا ماڻهو آمريڪا جي ڪا مدد نه ٿا ڪري سگهن، اهي رڳو اسان جي ملڪ کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. واضح رهي ته الهان عمر ۽ رشيده طليب سان گڏو گڏ ڪجهه ٻين ڊيموڪريٽ ڪانگريس ميمبرن به صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران احتجاج ڪيو هو پر صدر طرفان انهن تي ڪا تنقيد ناهي ڪئي وئي.











