آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران 8 جنگون ختم ڪرائڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ، پاڪ ڀارت جنگ جو به ذڪر

واشنگٽن-25 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي، ته هن وائٽ هائوس ۾ پنهنجي ٻئي مدي جي شروعات جي 10 مهينن دوران 8 جنگون ختم ڪرايون جنهن ۾ پاڪ ڀارت جنگ به شامل آهي. 100 منٽن کان وڌيڪ جاري خطاب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مئي 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ …

واشنگٽن-25 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي، ته هن وائٽ هائوس ۾ پنهنجي ٻئي مدي جي شروعات جي 10 مهينن دوران 8 جنگون ختم ڪرايون جنهن ۾ پاڪ ڀارت جنگ به شامل آهي. 100 منٽن کان وڌيڪ جاري خطاب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مئي 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فوجي چڪرين جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته جيڪڏهن جنگ روڪرائڻ لاءِ سندس مداخلت نه ٿئي ها ته 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو مارجي سگهيا پئي. آمريڪي صدر چيو ته پنهنجي پهرين 10 مهينن ۾ 8 جنگون ختم ڪيون جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ به شامل آهي جيڪا هڪ ايٽمي جنگ بڻجي سگهي پئي. ڊونلڊ ٽرمپ ٻي تڪرار جو به ذڪر ڪيو جنهن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته هن ان جي حل ۾ ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ، ڪوسوو ۽ سربيا، اسرائيل ۽ ايران، مصر ۽ ايٿوپيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان، ڪانگو ۽ روانڊا ۽ غزه جي جنگ شامل آهن. صدر چيو ته آمريڪا اندروني ۽ پرڏيهي ملڪ ۾ سيڪيورٽي بحالي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان فخر سان ملڪ جي اندر آمريڪي شهرين جي سلامتي بحال ڪري رهيا آهيون.

مزید خبریں