عمان -25 فيبروري (اي پي پي) اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته اسان پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه ئي جنگ جو ميدان بڻجنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (ٻه) ايران جي معاملي تي سياسي حل ڳولهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آيه، هن جو اهو بيان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل امڪاني ڳالهين کان ا9 ۽ هڪ اهڙي وقت …
پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه ئي جنگ جو ميدان بڻجنداسين: شاهه اردن

مزید خبریں
عمان -25 فيبروري (اي پي پي) اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته اسان پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه ئي جنگ جو ميدان بڻجنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (ٻه) ايران جي معاملي تي سياسي حل ڳولهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آيه، هن جو اهو بيان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل امڪاني ڳالهين کان ا9 ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف هوائي حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. اردن جي شاهي ديوان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شاهه عبدالله (ٻه) عمان جي قصر الحسينيه ۾ اردني سينڊيڪيٽ آف جرنلسٽس جي ميمبرن سان ملاقات ۾ اها ڳالهه چئي. ان موقعي تي ايران سان بابت اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪندي هن واضح ڪيو ته خطي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچائڻ جو واحد رستو ڳالهيون ۽ سياسي حل ئي آهي. هن چٽن لفظن ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اردن پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جي هرگز اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي جنگ جو ميدان بڻجندو.









