گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران روس – يوڪرين جنگ بندي جي قرارداد منظور، پاڪستان ڳڻپ ۾ حصو نه ورتو

گڏيل قومون _ 25 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي يوڪرين جنگ جا چار سال مڪمل ٿيڻ تي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد منظور ڪري ورتي پر پاڪستان ڳڻپ ۾ حصو نه ورتو. قراداد جي حق ۾ 107 ووٽ آيا جڏهن ته 12 ملڪن مخالفت ڪئي ۽ 51 ملڪن ڳڻپ ۾ حصو نه ورتو، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي. …

گڏيل قومون _ 25 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي يوڪرين جنگ جا چار سال مڪمل ٿيڻ تي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد منظور ڪري ورتي پر پاڪستان ڳڻپ ۾ حصو نه ورتو. قراداد جي حق ۾ 107 ووٽ آيا جڏهن ته 12 ملڪن مخالفت ڪئي ۽ 51 ملڪن ڳڻپ ۾ حصو نه ورتو، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي. قراداد يوڪرين  طرفان پيش ڪئي وئي هئي ۽ ان کي 46 ملڪن جي حمايت حاصل هئي. منظور ٿيل متن ۾ جنگ جي علائقائي ۽ عالمي اثرن کي اجاگر ڪيو ويو هو. روس طرفان شهري آبادي، سويلين ٺڪاڻن ۽ توانائي جي اهم ڍانچن تي حملن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. قراداد ۾ يوڪرين جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتي خاص ڪري علائقائي پاڻين جي احترام جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. قرارداد ۾ فوري، مڪمل ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪندي جنگي قيدين جي مڪمل مٽاسٽا، غير قانوني طورتي حراست ۾ وررتل  ماڻهن جي آزادي ۽ جبري  منتقل يا بي دخل ڪيل شهرين، خاص طور تي ٻارن جي واپسي تي زور ڀريو ويو. قراداد ۾ حصو وٺندڙن مطابق اها ووٽنگ روس جي حملي جي ورسي جي موقعي تي يوڪرين سان يڪجهتي جو امتحان هئي.