واشنگٽن-24 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج آئيلين ڪينن، اڳوڻي وڪيل جيڪ سمٿ جي ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي جنهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي پنهنجي پهرين صدارتي مدي کانپوءِ ڳجهن دستاويزن جي مبينه غلط استعمال سان لاڳاپيل الزام شامل هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلوريڊا سان تعلق رکندڙ آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج آئيلين ڪينن چيو ته ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ صدر ۽ سندس 2 شريڪ ملزمن لاءِ …
آمريڪي جج ڊونلڊ ٽرمپ جي ڳجهن دستاويزن واري ڪيس جي رپورٽ کي جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-24 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج آئيلين ڪينن، اڳوڻي وڪيل جيڪ سمٿ جي ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي جنهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي پنهنجي پهرين صدارتي مدي کانپوءِ ڳجهن دستاويزن جي مبينه غلط استعمال سان لاڳاپيل الزام شامل هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلوريڊا سان تعلق رکندڙ آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج آئيلين ڪينن چيو ته ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ صدر ۽ سندس 2 شريڪ ملزمن لاءِ واضح ناانصافي هوندي، ڇو ته ان ۾ اهڙن مجرماڻن الزامن جا تفصيل موجود آهن جيڪي ڪڏهن جيوري جي سامهون پيش نه ڪيا ويا. پنهنجي فيصلي ۾ جج لکيو ته سمٿ جي رپورٽ کي جاري ڪرڻ انصاف ۽ شفاف عمل جي بنيادي اصولن خلاف هوندو، ڇو ته فوجداري ڪيس شروع ٿيڻ جي باوجود ڪنهن ڏوهه جو عدالتي طور تي تعين نه ٿيو.









