ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي جي قيادت جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين جنرل ڊين ڪين ڪندو: آمريڪي صدر

واشنگٽن _24 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي جي قيادت جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين جنرل ڊين ڪين ڪندو، پر ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته هو ايران سان معاهدي کي ترجيح ڏيندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي اخبار دي واشنگٽن پوسٽ رپورٽ ڪيو ته …

واشنگٽن _24 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي جي قيادت جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين جنرل ڊين ڪين ڪندو، پر ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته هو ايران سان معاهدي کي ترجيح ڏيندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي اخبار دي واشنگٽن پوسٽ رپورٽ ڪيو ته جنرل ڊين ڪين گذريل هفتي وائٽ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ امڪاني حملي جي خطرن کان آگاهه ڪيو هو . رپورٽ مطابق اهم هٿيارن جي گهٽتائي ۽ اتحادين جي محدود حمايت آمريڪي فوج لاءِ اضافي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جنرل ڪين جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو بطور اعليٰ فوجي مشير سويلين قيادت کي مختلف فوجي آپريشنز، انهن جي امڪاني اثرن ۽ خطرن کان آگاهه ڪري ٿو ته جيئن قومي سلامتي بابت فيصلا ڪري سگهجن. ٻئي پاسي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور خميس ڏينهن جنيوا شيڊول آهي جتي ايران جي ايٽمي پروگرام، يورنيم رچاءِ جي سطح ۽ پابندين ۾ نرمي جهڙا معاملا بحث هيٺ ايندا ، پر ان کان اڳ ٿيل ڳالهين ۾ ڪا نمايان اڳڀرائي سامهون ناهي اچي سگهي.