سيئول _ 24 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي صدر يون سڪ يول پنهنجي عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي ،اها سزا ان تي مارشل لا جي اعلان بابت بغاوت جي قيادت ڪرڻ جي الزام ۾ ٻڌائي وئي هئي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق يون مسڪ يول جي قانوني ٽيم اپيل جو نوٽيس سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو .جنهن کيس بغاوت جي …
ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي صدر پنهنجي عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي

مزید خبریں
سيئول _ 24 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي صدر يون سڪ يول پنهنجي عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي ،اها سزا ان تي مارشل لا جي اعلان بابت بغاوت جي قيادت ڪرڻ جي الزام ۾ ٻڌائي وئي هئي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق يون مسڪ يول جي قانوني ٽيم اپيل جو نوٽيس سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو .جنهن کيس بغاوت جي قيادت ڪندڙ الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي . يون سڪ يول تي الزام آهي ته هن جنگ ، ڪنهن وڏي واقعي يا انهي نوعيت جي هنگامي صورتحال نه هجڻ باوجود غير آئيني هنگامي مارشل لا لاڳو ڪري بغاوت جي منصوبه بندي ڪئي. مٿس اهو به الزام آهي ته هن مارشل لا جي لاڳو ڪرڻ لاءِ فوجين ۽ پوليس کي سرگرم ڪري قومي اسيمبلي (ڏکڻ ڪوريا ) جي ان قرارداد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ذريعي مارشل لاءِ ختم ڪيو پيو وڃي، ۽ اهم سياسي شخصيتن کي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن ۾ وڏين سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جو اسپيڪر به شامل هو . هنگامي مارشل لاءِ 3 ڊسمبر 2024ع جي رات يون سڪ پول لاڳو ڪيو هو. پر ڪجهه ڪلاڪن بعد قومي اسيمبلي ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو . بعد ۾ آئيني عدالت (ڏکڻ ڪوريا ) اپريل 2025ع ۾ يون سڪ يول جي مواخذي جي قرارداد کي برقرار رکيو ۽ کيس باضابطه طور تي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو . يون سڪ کي جنوري 2025ع ۾ بغاوت جي مبينه ملوث هجڻ طور حراست ۾ وٺي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو ، ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ گرفتار ۽ فرد جرم لاڳو هيٺ پهريون حاضر سروس صدر بڻجي ويو هو.









